Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem

Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم(سلات) جو مقصد سنڌ ۽ بلوچستان سميت لوڪ ادب سان واڳيل ڏيهي ۽ پرڏيهي ڏات ڌڻي سگهڙن جي فن کي روشناس ڪرائڻ آهي.....

روزاني سگهڙ سماچار نيوز
08/08/2026

روزاني سگهڙ سماچار نيوز

سلات پاران منٺار فقير شر جي اوطاق تي سگهڙ ڪچهري، لوڪ ادب جي واڌ ويجهه تي زورسگهڙن جي فن، فڪر ۽ فصاحت سان سجايل ادبي ويهڪ...
08/08/2026

سلات پاران منٺار فقير شر جي اوطاق تي سگهڙ ڪچهري، لوڪ ادب جي واڌ ويجهه تي زور

سگهڙن جي فن، فڪر ۽ فصاحت سان سجايل ادبي ويهڪ، نئين نسل تائين لوڪ ورثي جي منتقلي جو عزم

چاچڙ، کوسو، شر، چنه، ملڪ ۽ انڙ برادريءَ جي سگهڙن جي ڀرپور شرڪت، سنڌي لوڪ ادب جي بقا لاءِ گڏيل جدوجهد جو اعلان

ڪشمور (سگهڙسماچار)
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي ميزباني هيٺ سگهڙ منٺار فقير شر جي اوطاق تي هڪ شاندار ۽ علمي سگهڙ ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ سگهڙن شرڪت ڪئي. ڪچهري دوران سگهڙن پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪندي بيت، ڏور، پروليون، چوڻيون ۽ لوڪ ادب جا ٻيا رنگ پيش ڪيا، جن کي موجود شرڪت ڪندڙن وڏي دلچسپي سان ٻڌو ۽ ساراهيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سگهڙن زور ڀريو ته سنڌ جو لوڪ ادب اسان جو قيمتي قومي ورثو آهي، جنهن کي محفوظ رکڻ ۽ نئين نسل تائين صحيح صورت ۾ منتقل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هنن چيو ته اهڙيون ادبي ڪچهريون نوجوانن ۾ پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت سان محبت پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن، تنهنڪري سلات پاران اهڙين سرگرمين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.
ڪچهري ۾ سگهڙ غلام مصطفيٰ چاچڙ، يار محمد کوسو، فقير صاحبڏنو چاچڙ، نصرالله کوسو، منٺار فقير شر، گل حسن چنه، رستم ملڪ، رسول بخش انڙ سميت ٻين ڪيترن ئي سگهڙن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي علمي، ادبي ۽ لوڪائتي فن سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. آخر ۾ سلات جي سرگرمين کي ساراهيندي لوڪ ادب جي خدمت لاءِ گڏيل جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

عرضي ڀٽو ۾ سلات طرفان سگهڙ ڪچهري، لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ نئين عزم جو اظهارسگهڙ محمد شريف ٻگهيو جي ميزباني هيٺ ادبي ۽ ثقا...
08/08/2026

عرضي ڀٽو ۾ سلات طرفان سگهڙ ڪچهري، لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ نئين عزم جو اظهار

سگهڙ محمد شريف ٻگهيو جي ميزباني هيٺ ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن جي ڀرپور شرڪت

سنڌي لوڪ ادب جي تحفظ، تحقيق ۽ نوجوان نسل تائين منتقلي تي زور

سلات جي مرڪزي ۽ ضلعي اڳواڻن سميت شاعرن ۽ سگهڙن شرڪت ڪري فن پيش ڪيو

عرضي ڀٽو جي ادبي محفل ۾ سگهڙن جي دلڪش ڪچهري، لوڪ روايتن کي زنده رکڻ جو عزم

عرضي ڀٽو (سگهڙسماچار) جمعة المبارڪ جي بابرڪت ڏينهن عرضي ڀٽو جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي پليٽ فارم تان سگهڙ محمد شريف ٻگهيو جي ميزباني هيٺ هڪ شاندار ۽ پروقار سگهڙ ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ ضلعي ۽ مرڪزي قيادت سان گڏ ڪيترن ئي ناميارن سگهڙن، شاعرن ۽ لوڪ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪچهري ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي صدر سيد مختيار علي شاهه، جي. ايس. ديدار علي لغاري، محمد عظيم جتڪ، غلام ياسين ڀٽي، پهلوان محمد علي مگسي، عبدالستار ٽانوري، علي حسن ڀٽي، ميزبان سگهڙ محمد شريف ٻگهيو، سلات جي مرڪزي نائب صدر سگهڙ استاد ارشاد علي عرضائي ۽ ٻين علمي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سگهڙن پنهنجا لوڪ بيت، ڏور، پروليون، نڪتا ۽ ٻيو روايتي فن پيش ڪري محفل کي خوب گرمايو. هنن چيو ته سنڌي لوڪ ادب اسان جي قومي سڃاڻپ، تهذيب ۽ تاريخ جو قيمتي سرمايو آهي، جنهن جي حفاظت، تحقيق، دستاويزڪاري ۽ نوجوان نسل تائين صحيح نموني منتقلي وقت جي اهم ضرورت آهي.
آخر ۾ ميزبان سگهڙ محمد شريف ٻگهيو مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙيون ادبي ڪچهريون نه رڳو سگهڙن کي هڪ ٻئي سان ويجهو آڻين ٿيون، پر سنڌ جي صدين پراڻي لوڪ ورثي کي زنده رکڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سلات جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙيون ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکيون وينديون.

ھڪ عالِم استاد جي شفقت ۽ محبتن جي ڪھاڻي. فھد مصطفيٰ ٻگھيو"نگاهِ مردِ مؤمن سان بدلجي وينديون آهن تقديرون."هيءَ فقط هڪ چوڻ...
08/08/2026

ھڪ عالِم استاد جي شفقت ۽ محبتن جي ڪھاڻي.

فھد مصطفيٰ ٻگھيو

"نگاهِ مردِ مؤمن سان بدلجي وينديون آهن تقديرون."
هيءَ فقط هڪ چوڻي نه، پر منهنجي زندگيءَ جي سچي حقيقت آهي، جنهن کي مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پنهنجي دل سان محسوس ڪيو.
سال 2015ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميان عابد ٻگھيو، گدو باغ ۾ هڪ روح پرور مذهبي جلسو منعقد ٿيو، جنهن ۾ خصوصي نعت خوان، شاعر، اديب ۽ عالمِ دين قبلا سائين عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جن کي دعوت ڏني وئي هئي. سندن حمدون، نعتون، قصيدا ۽ ڪافيون ته اڳ ئي بار بار ٻڌندو رهندو هئس، پر روبرو ملاقات جو شرف ڪڏهن حاصل نه ٿيو هو.
جلسي ۾ خطاب شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت باقي هو. سائين جن ڪجهه معزز عالمن سان ديني موضوعن تي گفتگو ۾ مصروف هئا، جڏهن ته مان پري کان کين انهيءَ محبت سان ڏسي رهيو هئس، جيئن ڪو عاشق زماني کان نظرون بچائي پنهنجي محبوب کي تڪيندو هجي. سندن چهري تي عينڪ، نوراني ڏاڙهي ۽ دل موهيندڙ مرڪ اهڙي ته اثرائتي هئي، جو جڏهن به مسڪرائيندا هئا ته ڄڻ چهرو چنڊ وانگر جرڪي پوندو هو، ۽ منهنجي دل ۾ سندن محبت جو ڏيئو وڌيڪ روشن ٿيندو ويندو هو.
سندن ويجهو وڃڻ جي همت نه پئي ٿيم، پر جڏهن پاڻ نماز جي تياري لاءِ اٿيا ته مان به ادب سان سندن ڀر ۾ وڃي بيٺس. سائين جن نهايت شفقت سان هٿ ملايو. سندن هٿن جي نرمي، پاڪيزگي ۽ خوشبو اڄ به منهنجي احساسن ۾ محفوظ آهي.
مون ادب سان عرض ڪيو: "سائين! مان اوهان جون نعتون هميشه ٻڌندو رهندو آهيان ۽ اوهان جو هڪ ننڍڙو پرستار آهيان."
پاڻ عاجزاڻي انداز ۾ فرمايائون: "بابا! هي سڀ الله پاڪ ۽ محبوبِ مدينه ﷺ جو ڪرم آهي. نماز کان پوءِ جلسو ٿيندو، پوءِ مون سان ضرور ملجان."
سندن نرم لهجي ۽ محبت ڀري آواز منهنجي دل تي اهڙو اثر ڇڏيو، جو سڄي نماز ۽ جلسي دوران منهنجو ذهن صرف انهيءَ ملاقات جي انتظار ۾ رهيو.
نماز کان پوءِ جلسي جي شروعات سائين جن قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي. سندن ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز ۾ اهڙي ڪشش هئي، جو مسجد کان ٻاهر بيٺل ماڻهو به بي اختيار اندر اچي ويٺا. پوءِ حمدِ باري تعاليٰ، نعت، منقبت ۽ روح پرور شاعريءَ سان محفل کي اهڙو رنگ ڏنائون، جو دل ۾ هڪ نئين دنيا آباد ٿي وئي.
جلسي جي پڄاڻيءَ تي مون دل جي خواهش ظاهر ڪندي عرض ڪيو: "سائين! مون کي پنهنجو شاگرد بڻايو، مان به شاعري سکڻ ٿو چاهيان."
پاڻ دعائن سان نوازيندي شاعري لکڻ جي اجازت عطا ڪئي. اها گهڙي منهنجي زندگيءَ جو نئون موڙ ثابت ٿي.
رات جڏهن گهر پهتس ته ٽين وڳي تائين بستري تي صرف سائين جن جو تصور هو. ننڊ اکين کان پري هئي. دل لفظن کي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڪجهه ڏينهن اندر ٻه چار اڻپورا شعر لکي موبائل ذريعي سائين جن ڏانهن موڪليم. پاڻ نهايت محبت سان انهن جي اصلاح ڪئي، همٿ افزائي ڪئي ۽ وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهيو.
شاعريءَ جو شوق وڌندو ويو. پوءِ دل ۾ خيال آيو ته جڏهن شاعريءَ جو فن استاد کان مليو آهي، ته ڇو نه سگهڙائپ جا اصول به سکجن؟ فون ذريعي سائين جن سگهڙائپ بابت بنيادي اصول سمجهايا. انهن تي غور ڪندي مون به ڪجهه بيت ۽ لوڪ ادب سان لاڳاپيل لکڻيون شروع ڪيون.
انهيءَ دوران سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)، جنهن جا باني چيئرمين سائين عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جن آهن، جي واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ٿيس. اتي سنڌ جي سمنڊ جهڙي علم ۽ فڪر رکندڙ سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن جي صحبت مان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو، جنهن منهنجي ادبي سوچ کي نئون رخ عطا ڪيو.
20 جولاءِ 2024ع تي سائين جن جي شفقت سان مون کي پهريون ڀيرو سندِ مڃتا (ايوارڊ) حاصل ٿيو، جيڪو منهنجي زندگيءَ جو پهريون ادبي اعزاز هو.
پوءِ جڏهن سلات سٿ گروپ ۾ حضرت ٻُڍل فقير جي سالياني ورسيءَ جي دعوت آئي ته مان به وڏي شوق سان انهيءَ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتس.
18 جولاءِ 2026ع تي حضرت ٻُڍل فقير جي ورسيءَ جي موقعي تي منهنجو پهريون باقاعده مشاعرو هو. اسٽيج تي وڃڻ کان اڳ سائين جن کان دعائون ورتيون. الله پاڪ جي فضل، والدين جي دعائن ۽ استادِ محترم جي شفقت سبب منهنجي شاعريءَ کي سٺي موٽ ملي. انهيءَ ئي محفل ۾ مون کي سائين عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جن جي هٿان ٻُڍل فقير ايوارڊ حاصل ڪرڻ جو اعزاز نصيب ٿيو، جيڪو منهنجي ادبي زندگيءَ جو هڪ يادگار لمحون بڻجي ويو.
اڄ جڏهن پنهنجي سفر تي نظر وجهان ٿو ته محسوس ڪريان ٿو ته مان پاڻ کي هميشه هڪ ناقص ۽ ناچيز انسان سمجهندو رهيو آهيان، پر استاد جي شفقت، محبت، رهنمائي ۽ دعائن هڪ اڻگهڙ پٿر کي تراشي هڪ سڃاڻپ عطا ڪئي.
الله پاڪ کان هميشه دعا گهرندو آهيان ته منهنجي استادِ محترم، قبلا سائين عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جن کي صحت، سلامتي، عزت، برڪت، ڊگهي ڄمار ۽ ٻنهي جهانن جون ڀلايون عطا فرمائي، سندن علم، قلم، خدمت ۽ محبتن کي قبول فرمائي ۽ کين هميشه سنڌي ٻولي، لوڪ ادب ۽ دينِ اسلام جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
بيشڪ، سچا استاد صرف علم نه ڏيندا آهن، پر تقديرون سنواريندا آهن.

سنڌي لوڪ ادب جو رنگين گلدستو: ”عجب رنگ ايوب جا“ مظفر ڪلهوڙوسنڌي ٻوليءَ جي سونهن، ان جي قديم لفظن جي خوشبوءِ ۽ لوڪ ادب جي...
08/08/2026

سنڌي لوڪ ادب جو رنگين گلدستو: ”عجب رنگ ايوب جا“

مظفر ڪلهوڙو

سنڌي ٻوليءَ جي سونهن، ان جي قديم لفظن جي خوشبوءِ ۽ لوڪ ادب جي گهراين کي زندهه رکڻ ۾ سگهڙن جو ڪردار هميشه اهم رهيو آهي. جديد دور ۾، جڏهن نوجوان نسل انگريزي ۽ جديد ٻولين ڏانهن وڌيڪ مائل آهي، تڏهن اهڙا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اصل سڃاڻپ سان نئين نسل جو ناتو مضبوط ڪن ٿا.
سائين ايوب عارض واهوچي جو شعري مجموعو ”عجب رنگ ايوب جا“ سنڌي لوڪ ادب جي ڪيترين ئي صنفن جو حسين گلدستو آهي. هن ڪتاب ۾ بيت، ڏور، مام، سينگار، هنر، ڪافي، وائي، ڳجهارت، ٽه ڳڻو، ٽيڙو، غزل ۽ ٻين صنفن وسيلي سنڌي تهذيب، ثقافت، ٻولي، وطن دوستي ۽ روحاني قدرن کي خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته ڏکين ۽ گهٽ استعمال ٿيندڙ لفظن جون معنائون حاشين ۾ ڏنل آهن، جنهن سان نون پڙهندڙن لاءِ مطالعو آسان ۽ دلچسپ بڻجي وڃي ٿو. ايوب واهوچي پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ جي ڌرتي، ماڻهن، ٻنين، وڻن ۽ روايتن جو ذڪر ڪيو آهي، پر الله پاڪ، حضور ﷺ، حضرت عليؓ ۽ حسنين ڪريمينؓ سان عقيدت جا گل به نڇاور ڪيا آهن.
هن مجموعي ۾ لوڪ ادب سان گڏ جديد شاعريءَ جو رنگ پڻ نمايان آهي. غزل، قطعا، ٽيڙا ۽ قومي گيت سندس فني پختگي، عروض جي ڄاڻ ۽ تخليقي سگهه جا شاهد آهن، جڏهن ته ايڪتا بابت لکيل گيت سنڌ سان سندس محبت ۽ قومي جذبي جو روشن اظهار آهن.
مختصر لفظن ۾، ”عجب رنگ ايوب جا“ رڳو شاعريءَ جو مجموعو نه، پر سنڌي لوڪ ادب، ٻولي ۽ ثقافت جو هڪ قيمتي دستاويز آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ماضيءَ جي مهڪ، حال جي سجاڳي ۽ مستقبل جي اميد سان جوڙي ٿو. اميد آهي ته سائين ايوب عارض واهوچي پنهنجي هن ادبي سفر کي اڳتي به جاري رکندي سنڌي ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب جي خدمت ڪندو رهندو.

شبير ساند جي وڇوڙي سان سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي: مقرربزمِ غالب ملڪاڻي ۽ سگا ڪوٽڙي پاران تعزيتي ميڙاڪو،...
08/08/2026

شبير ساند جي وڇوڙي سان سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي: مقرر

بزمِ غالب ملڪاڻي ۽ سگا ڪوٽڙي پاران تعزيتي ميڙاڪو، مرحوم کي ڀرپور خراجِ عقيدت

270هين ادبي ڪچهري ۾ شاعري، نعت، صوفياڻي ڪلام ۽ سگهڙائپ جي رنگن سان محفل سجي وئي

ڪوٽڙي (سگهڙ سماچار) بزمِ غالب ملڪاڻي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڪوٽڙي جي گڏيل سهڪار سان وڇڙي ويل سياسي ۽ سماجي شخصيت شبير ساند جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو، جنهن سان گڏ بزمِ غالب ملڪاڻي جي 270هين ادبي ڪچهري پڻ منعقد ٿي. تقريب ۾ اديبن، شاعرن، دانشورن، سگهڙن، فنڪارن ۽ ادب دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مرحوم شبير ساند کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.
تقريب جي صدارت نامياري استاد ۽ سماجي اڳواڻ سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ نامياري شاعر علي گل چانڊيو، الطاف ملڪاڻي، لونگ ملاح، قاضي بدر، عزيز جلباڻي، مسڪين سڪندر ملاح، اشفاق قلندري، الف دين جتوئي، پيار علي پيار، غلام اصغر گاڏهي، چاچو مصري جمالي، شير محمد جمالي، محبوب کوهارو، مظهر چانڊيو ۽ علي گل رند سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ادب دوستن شرڪت ڪئي.
تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته شبير ساند هڪ سچو، جاکوڙي ۽ اصول پسند سياسي ڪارڪن هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سماجي ۽ سياسي جدوجهد ۾ گذاري. هن پنهنجي ڪردار، فڪر ۽ عمل ذريعي سماج ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس وڇوڙي سان سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو آسانيءَ سان ڀرجي نه سگهندو.
مقررن چيو ته مرحوم شبير ساند جي زندگي جدوجهد، سماجي وابستگي ۽ ماڻهن سان محبت جو مثال هئي. هن ڏکين حالتن ۾ به پنهنجي اصولن ۽ فڪر سان وابستگي برقرار رکي. مقررن مرحوم جي سماجي، سياسي ۽ اخلاقي خوبين کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪندي سندس مغفرت، بلند درجات ۽ پونئرن لاءِ صبرِ جميل جي دعا گهري.
تعزيتي ميڙاڪي کان پوءِ بزمِ غالب ملڪاڻي جي 270هين ادبي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ سنڌي ادب جي مختلف صنفن سان لاڳاپيل تخليقڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. محفل ۾ مرشد لطيف جي وائي پيش ڪئي وئي، جڏهن ته شاعرن علي گل چانڊيو، لونگ ملاح، روشن ڏيپر، قادر آزاد سنڌي ۽ ذوالفقار علي هالار انقلابي شاعري سميت پنهنجو تازو ڪلام پيش ڪيو.
ٻين شاعرن پڻ پنهنجا غزل، نظم، بيت، وايون ۽ آزاد نظم پيش ڪيا، جن تي شريڪ اديبن ۽ ادب دوستن پاران ڀرپور داد ڏنو ويو. ادبي ڪچهريءَ دوران سنڌي شاعريءَ جي مختلف رنگن ۽ فڪري پاسن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
نعت خواني ۽ صوفياڻي ڪلام سان محفل ۾ روحاني رنگ
نعت خواني جي سلسلي ۾ فقير عزيز جلباڻي، فقير شهزاد حسيني، عبدالستار ملوڪاڻي ۽ الف الدين جتوئي بارگاهه رسالت ﷺ ۾ عقيدت جا نذرانا پيش ڪيا، جن سان محفل ۾ روحاني ڪيفيت پيدا ٿي.
فنڪارن مسڪين سڪندر ملاح، مظهر علي چانڊيو، حسن علي سمون، محبوب علي کوهارو، علي اڪبر خاصخيلي ۽ پيار علي پيار صوفياڻي ڪلام پيش ڪري مرحوم شبير ساند کي فني ڀيٽا ڏني، جڏهن ته سندن پيشڪش تي شرڪت ڪندڙن ڀرپور موٽ ڏني.
ادبي ڪچهريءَ ۾ سگهڙائپ جي حصي طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ يافته سگهڙ قاضي بدر ۽ سگهڙ علي گل رند سگهڙائپ جا بيت پيش ڪيا. سگهڙن جي بيتن ذريعي سنڌ جي لوڪ ادب، فڪر ۽ ثقافتي روايتن کي اجاگر ڪيو ويو.
شريڪ اديبن ۽ شاعرن مختلف تخليقن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي نون قلمڪارن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ چيو ته اهڙيون ادبي ڪچهريون نون ليکڪن ۽ شاعرن کي اڳتي وڌڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن ٿيون. هنن سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ ادبي گڏجاڻين جي سلسلي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو.
تقريب ۾ اشفاق احمد قلندري، فقير غلام اصغر گاڏهي، شير محمد جمالي، خان مڱريو، حاجي ملاح، الله بخش جهتيال سميت ٻين ساٿين پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب جي پڄاڻيءَ تي بزمِ غالب ملڪاڻي ۽ سگا شاخ ڪوٽڙي جي منتظمين پاران ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه، نون اديبن ۽ شاعرن جي رهنمائي ۽ ادبي روايتن جي تسلسل لاءِ اهڙيون ادبي ڪچهريون ۽ فڪري ويهڪون مستقبل ۾ پڻ باقاعدگيءَ سان جاري رکيون وينديون.
تقريب جي ڪارروائي سيڪريٽري ذوالفقار علي هالار هلائي.

سلات جي سگهڙن جي شاندار ڪچھري، ناري جي سگهڙن لوڪ ادب جا رنگ وکيريامور مير حسن ملاح کي "بھترين ڪارڪردگي سگهڙ ايوارڊ" سان ...
07/08/2026

سلات جي سگهڙن جي شاندار ڪچھري، ناري جي سگهڙن لوڪ ادب جا رنگ وکيريا

مور مير حسن ملاح کي "بھترين ڪارڪردگي سگهڙ ايوارڊ" سان نوازيو ويو، رئيس بخش خان شنباڻي اوطاقي ثقافت کي سنڌ جي سڃاڻپ قرار ڏنو

هنر، پھاڪن، ڏورن، صفات ۽ سينگار تي علمي ويھڪ، ڪيترن ئي ناميارن سگهڙن ۽ علائقي واسين جي ڀرپور شرڪت

سکر (سگهڙ سماچار نيوز) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سگهڙن جي هڪ شاندار، باوقار ۽ يادگار ڪچهري، سگهڙ ملنگ نياز علي شنباڻي جي ميزبانيءَ ۾ سردار حاجي خان شنباڻي جي اوطاق تي منعقد ٿي، جنهن ۾ ناري ريگستان سميت مختلف علائقن جي ناميارن سگهڙن ۽ ادب دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ڪچهريءَ جي ڪارروائي سلات ضلعي سکر جي انفارميشن سيڪريٽري، سگهڙ ذاڪر محمد ملوڪ شنباڻي بهترين نموني هلائي. محفل دوران لوڪ ادب جي مختلف صنفن، جن ۾ هنر، پهاڪا، ڏور، صفات ۽ سينگار شامل هئا، تي سگهڙن علمي، ادبي ۽ فڪري گفتگو ڪئي، جڏهن ته پنهنجي روايتي بيتن، ڏورن ۽ فڪري ڪلام وسيلي حاضرين کان خوب داد حاصل ڪئي.
ان موقعي تي بهترين ادبي ۽ سگهڙائپ واري ڪارڪردگيءَ جي مڃتا طور "بهترين ڪارڪردگي سگهڙ ايوارڊ" مور مير حسن ملاح کي ڏنو ويو، جنهن تي محفل ۾ موجود سگهڙن ۽ مهمانن کيس مبارڪون پيش ڪيون.
ڪچهري کي خطاب ڪندي شنباڻي بلوچ قبيلي جي سردار رئيس بخش خان شنباڻي چيو ته سگهڙ ڪچهريون سنڌ جي اوطاقي ثقافت، لوڪ ادب ۽ تهذيبي سڃاڻپ جي زندهه علامت آهن. هن چيو ته اهڙيون علمي ۽ ادبي ويهڪون سنڌ جي نوجوان نسل کي پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، تنهنڪري انهن روايتن کي هر حال ۾ جاري رکڻ گهرجي.
هن شاندار ادبي ڪچهريءَ ۾ حاجي عبدالستار پتافي، ڏنل فقير امام ڏنو چاڪراڻي، محمد ملوڪ شنباڻي، اختر عباس جسڪاڻي، محبوب علي ڀنڀرو، استاد مير حسن ڀنڀري، رحمت الله خاصخيلي، امان الله خاصخيلي، شيرل خان کورکاڻي، مور مير حسن ملاح، شاهد ڀنڀرو، متارالدين شنباڻي ۽ راجا ذوالفقار علي سميت ڪيترن ئي ناميارن سگهڙن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه علائقي جي وڏي انگ ۾ ماڻهن پڻ ڪچهريءَ ۾ شرڪت ڪري لوڪ ادب سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو.
آخر ۾ مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن اهڙي يادگار ادبي محفل جي انعقاد تي ميزبان سگهڙ ملنگ نياز علي شنباڻي کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ سلات پاران لوڪ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيندي اهڙين ڪچهرين جي تسلسل برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

سلات پاران حيدرآباد ۾ لوڪ ادب جي پروقار تقريب، اڪبر اداسي جي ڪتاب "ادبي عشق اڪبر جو" جي شاندار پڌرائياجرڪن ۽ لُنگين جي ث...
07/08/2026

سلات پاران حيدرآباد ۾ لوڪ ادب جي پروقار تقريب، اڪبر اداسي جي ڪتاب "ادبي عشق اڪبر جو" جي شاندار پڌرائي

اجرڪن ۽ لُنگين جي ثقافتي ڀيٽ،
اديبن، سگهڙن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، سنڌي لوڪ ادب سان وابستگيءَ جو نئون عزم

لوڪ ورثي کي نئين نسل تائين پھچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: سلات جو باني عاجز رحمت الله لاشاري

حيدرآباد (سگهڙ سماچار نيوز) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران لطيف آباد، حيدرآباد واري علائقي ۾ سنڌو درياهه جي پيٽ ۽ وارياسي ٻيٽ تي هڪ پروقار لوڪ ادب تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سُگهڙ علي اڪبر اداسي چانڊيو جي نئين تصنيف "ادبي عشق اڪبر جو" جي شاندار پڌرائي پڻ ڪئي وئي، جنهن ادبي تقريب کي ٻيڻي خوشي ۽ وقار عطا ڪيو.
تقريب جي صدارت سلات جي باني ۽ لوڪ ادب جي محقق عاجز رحمت الله لاشاري ڪئي، جڏهن ته مھراڻ ٽي وي جي پروگرام مئنيجر مرتضىٰ مجبور خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تعليمي ماهر پروفيسر مدد علي جهتيال، پروفيسر ابراهيم عباسي ۽ ڪامريڊ امان الله چانڊيو اعزازي مهمانن طور تقريب جي زينت بڻيا.
صدارتي خطاب ڪندي عاجز رحمت الله لاشاري چيو ته، سگهڙن سنڌ جي لوڪ ورثي کي زنده رکيو آهي، سندن فڪر ۽ فن کي نئين نسل تائين پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي." مھراڻ ٽي وي جي پروگرام مينيجر مرتضىٰ مجبور سلات جي ادبي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته، "هي تنظيم نه رڳو پنهنجن سگهڙن جي ياد کي زنده رکي رهي آهي، پر نون ليکڪن ۽ تخليقن جي به حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، جيڪا قابلِ تحسين ڳالهه آهي."
پروفيسر مدد علي جهتيال ۽ پروفيسر ابراهيم عباسي پنهنجي خطابن ۾ چيو ته "ادبي عشق اڪبر جو" سنڌي ادب ۾ هڪ اهم ۽ معياري اضافو آهي، جيڪو لوڪ ادب جي مختلف روشن پهلوئن کي اجاگر ڪري ٿو، جڏهن ته ڪامريڊ امان الله چانڊيو چيو ته، "سگهڙ سماج جا اُهي آواز آهن، جيڪي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي نسل در نسل محفوظ رکن ٿا."
تقريب دوران سنڌي ثقافت جي سُڃاڻپ طور مهمانن کي اجرڪن ۽ لُنگين جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، جنهن سان تقريب جا ثقافتي رنگ وڌيڪ نمايان ٿي اُڀريا.
هن علمي، ادبي ۽ ثقافتي محفل ۾ سلات جا مرڪزي اڳواڻ خادم حسين مڱلو، ضلعي صدر اڪبر اداسي، طالب حسين ڀنڀرو، سگهڙ علي بخش سومرو، سردار علي چانڊيو، امير حمزه چانڊيو، ميرل اُترادي، دادن اُترادي، غلام ياسين، شاهه لطيف جي رسالي ۽ لوڪ ادب جون حافظياڻيون حليمان چانڊيو ۽ مهرالنساءَ مڱلو سميت وڏي انگ ۾ اديبن، شاعرن، سگهڙن، لوڪ ادب جي ماهرن ۽ سياسي، سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي آواز مھراڻ ٽي وي جا اڻويهه سال مڪمل، نشريات ايڇ ڊي ۾ داخلسنڌي ٻولي، تعليم، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي خدمت تي...
07/08/2026

ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي آواز مھراڻ ٽي وي جا اڻويهه سال مڪمل، نشريات ايڇ ڊي ۾ داخل

سنڌي ٻولي، تعليم، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي خدمت تي مھراڻ ٽي وي کي ڀرپور ڀيٽا

سلات جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاري سميت ڏات ڌڻين پاران اڄ هيڊآفيس پھچي اداري جي اڳواڻن کي مبارڪون ڏنيون وينديون

'ڳالهيون ڳوٺاڻن جون' ۽ 'اسان جي اوطاق' جھڙن پروگرامن لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ کي نئون ساهه ڏنو

معياري ڊرامن، لطيفي ڪردارن، لوڪ گيتن ۽ ديني پروگرامن سان مهراڻ ٽي وي عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي

حيدرآباد (سگهڙ سماچار نيوز)
سنڌ جي نامياري سيٽلائيٽ چينل مهراڻ ٽي وي پنهنجي ڪامياب نشريات جا اڻويهه سال مڪمل ڪري نئين دور ۾ ايڇ ڊي نشريات سان داخل ٿي ويو آهي، جيڪو سنڌي ميڊيا، سنڌي ٻولي، تعليم، لوڪ ادب ۽ ثقافت لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. مهراڻ ٽي وي پنهنجي شروعات کان وٺي سنڌ جي تهذيب، تمدن، ٻولي، ادب، ثقافت ۽ سماجي قدرن جي واڌ ويجهه لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي.
ان موقعي تي سنڌي لوڪ ادب ٽي وي جي سرواڻ ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي مرڪزي چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري سميت مختلف ڏات ڌڻي اڄ مهراڻ ٽي وي جي سرواڻ غلام نبي مورائي، پروگرام مينيجر مرتضىٰ مجبور، نيوز ڊائريڪٽر فرخ هڪڙو سميت انتظاميا، اينڪرن، پروڊيوسرن، صحافين ۽ سموري عملي کي دل جي گهراين سان ملاقات ڪري مبارڪون پيش ڪندا مبارڪبادي پيغام ۾ سلات جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاري چيو آھي ته مهراڻ ٽي وي پنهنجي معياري ڊرامن وسيلي سنڌي سماج جي قدرن کي اجاگر ڪيو آهي، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي رسالي مان چونڊيل ڪردارن، فڪر ۽ پيغام کي جديد انداز ۾ متعارف ڪرائي نئين نسل کي پنهنجي عظيم ورثي سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته مهراڻ ٽي وي تي سنڌي لوڪ ادب جي حوالي سان نشر ٿيندڙ مقبول پروگرام "ڳالهيون ڳوٺاڻن جون" ۽ "اسان جي اوطاق" سنڌ جي سگهڙن، شاعرن، لوڪ فنڪارن ۽ لوڪ ادب جي نمائندگي جا بهترين مثال بڻجي چڪا آهن، جن وسيلي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي تهذيب، روايتن، سگهڙائپ ۽ لوڪ ڏاهپ کي عالمي سطح تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو آهي.
مهراڻ ٽي وي پنهنجي ثقافتي پروگرامن وسيلي لوڪ گيتن، لاڏن، سهرن، ريتن رسمن ۽ خوشين جي سوڻ ساٺ کي اجاگر ڪري سنڌ جي لوڪ ثقافتي ورثي کي جيئرو رکڻ ۾ به قابلِ تعريف خدمتون انجام ڏنيون آهن. ساڳئي وقت ديني پروگرامن "ڀلارو رمضان"، "محفل ميلاد"، "عظمت رمضان" ۽ "فلاح آخرت" کي پڻ عوام وٽ وڏي پذيرائي ملي، جن ماڻهن ۾ ديني شعور ۽ اخلاقي قدرن جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان حوالي سان ڏات ڌڻين جي اڄوڪي وفد ۾ جنهن جي اڳواڻي عاجز رحمت الله لاشاري ڪندو، ثقافتي سيڪريٽري خادم حسين مڱلو، علي اڪبر اداسي، قاضي بدرالدين ۽ ٻيا ناميارا ڏات ڌڻي پڻ موجود هوندا، جيڪي مهراڻ ٽي وي جي سرواڻ غلام نبي مورائي ۽ اداري جي انتظاميا کي گلن جا هار پارائي مبارڪون پيش ڪندا ۽ سنڌي ميڊيا جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندا.

اخلاق جو مجسمو سگهڙ محمد سليم چنجڻيصالح شريف پيرزادوڪنهن به ڳوٺ جي اصل سونهن ان جا اوچا ماڙ نه، پر ان جا نيڪ، باڪردار ۽ ...
07/08/2026

اخلاق جو مجسمو سگهڙ محمد سليم چنجڻي

صالح شريف پيرزادو

ڪنهن به ڳوٺ جي اصل سونهن ان جا اوچا ماڙ نه، پر ان جا نيڪ، باڪردار ۽ باصلاحيت ماڻهو هوندا آهن. ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ، تعلقي نصيرآباد جي وسندي ڳوٺ ميانداد چنجڻي جي هڪ اهڙي ئي سهڻي سڃاڻپ سگهڙ حافظ محمد سليم چنجڻي آهي، جن هن ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان جنم وٺي پنهنجي ڪردار ۽ علم سان علائقي جو مانُ وڌايو آهي.
علم ۽ عمل جو حسين سنگم،
حافظ صاحب ننڍپڻ ۾ ئي قرآن مجيد حفظ ڪري پنهنجي والدين ۽ ڳوٺ جو نالو روشن ڪيو.
دين جي خدمت ۾ مصروف:
اڄ به هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي جامع مسجد لبيڪ يارسول الله سان واڳيو ويٺو آهي ۽ جٿي پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي ۽ سندس سريلي ۽ درد ڀري آواز ۾ قرآن جي تلاوت ٻڌڻ وارن جي دلين کي سڪون ۽ اکين کي آبديدو ڪري ڇڏيندي آهي.
سگهڙ حافظ محمد سليم چنجڻي جي شخصيت ۾ عاجزي، سچائي ۽ بردباري ڪوٽ ڪوٽ ڪري ڀريل آهي. ننڍي وڏي سان محبت، ادب ۽ خلوص سندس سڃاڻپ آهي. ڳوٺ جي ڏک سک، شادي غمي توڙي ڪنهن به اجتماعي ڪم ۾ هو سڀني کان اڳ موجود هوندو آهي.
حافظ صاحب جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ آهن. هو هڪ سٺو شاعر ۽ سگهڙ به آهي. ڪچهريءَ جو مور هجڻ سان گڏ کيس اسٽيج سيڪريٽري جو به سٺو ڏانءُ آهي. وڏن ادبي ۽ مذهبي جلسن کي هو پنهنجي شيرين گفتار سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي.
سندس سريلي ۽ درد ڀري آواز سان سنڌ جي ناميارن شاعرن جا نعت خوانيءَ ۾ مولود شريف، غزل، ڪافيون رڪارڊ ٿيل آهن، جن ۾ غلام النبي مهيسر، شيدا شعبان علي چنجڻي، امير عمر پيرزادو ۽ فقير عاجز اعجاز چنجڻي جا خاص طور تي مقبول آهن.
اسان جو فخر: حافظ محمد سليم چنجڻي جهڙا ماڻهو ئي ڪنهن به وسنديءَ جو اصل سرمايو هوندا آهن. هنن جي ڪري ئي ڳوٺن ۾ دين، اخلاق ۽ محبت جي روشني قائم ۽ دائم آهي.
دعا آهي ته الله پاڪ حافظ صاحب جي عمر، علم ۽ عمل ۾ خير ۽ برڪت عطا فرمائي ۽ کيس دين ۽ دنيا جي ڪاميابين سان سرفراز ڪري. آمين.

Address

Jamshore

Telephone

03013566707

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Museum

Send a message to Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem:

Shortcuts

Share